پنجي ڀائي پنجائي خوجا

پَنجي ڀائي/ پنجائي خوجا: هي خوجا، آغا خان جي فرمان هيٺ عمل ڪندا آهن. ڏينهن ۾ پنج وقت نماز پڙهندا آهن، هنن جي عالمن کي مُکي ۽ ڀڳت چون ٿا، هي اصل ۾ سنڌ جا لوهاڻا هندو هئا، جن پير صدرالدين جي هدايت تي دين اسلام قبول ڪيو. هنن جا خاص پاڙا آهن: (1) مومنـاڻي، (2) پيرواڻي، (3) تيجاڻي، (4) ڏاتواڻي، (5) فدواڻي، (6) هفداڻي، (7) حاجياڻي، (8) اسماعيلاڻي، (9) قاسماڻي، (10) ميان ناڻي، (11) ميرلياڻي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو